ڊاڍي مڱڻهار

ڊاڍي مڱڻهار: ڊاڍي مڱڻهارن تي ’ڊاڍي‘ نالو ’ڊڍ‘ يا ’ڍڍ‘ وڃائڻ تان پيو آهي. ڊاڍي، دهل جي هڪ وڄت آهي، جيڪا خطري وقت وڄائي ويندي هئي. ويجھي دور ۾ مڱڻهار پڙهي ڏيڻ ۽ پڌرائيءَ لاءِ ’ڊڍ‘ وڄائيندا هئا. 1930ع کان اڳ تائين اهو رواج هو، جو ڊاڍي مڱڻهار، دهل تي ڊڍ وارا ڏونڪا هڻي (ڊڍ وارا ٻول وڄائي) وڏي آواز سان چوندا هئا ته: ”پڙهو بادشاهي، ٻڌي عام خاص ته هي اعلان آهي...“
ٿر جا منگتا فقير ڊاڍي سڏجن ٿا، جن جا جدا جدا ڪڙم آهن، جهڙوڪ:
(1) گڻسار: هي مٺيءَ ۾ رهن ٿا.
(2) والهيرا: سينهار نانگڙ ڳوٺ رهن ٿا.
(3) ڏيڌڙا: ڏيپلي، مٺيءَ ۽ عمرڪوٽ ۾ رهن ٿا.
(4) وارڻا: هريار ۽ مٺيءَ ۾ رهن ٿا.
(5) گيسورا: ڏيپلي ۾ رهن ٿا.
(6) ڪارونڀار: ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ رهن ٿا.
(7) ڳهيلا/ گهيلا: ڪيرٽي ۽ مٺيءَ ۾ رهن ٿا.
(8) کالترا: مٺڙيي ڀٽي ۽ ڪڪراڙيي ڳوٺن ۾ رهن ٿا.
(9) سونليا: سينهار نانگڙ ۾ رهن ٿا.
(10) ڏَگا: عمرڪوٽ ۽ کپري ۾ رهن ٿا.
(11) جيڻا: عمرڪوٽ ۽ سونل ٻهه ڳوٺ ۾ رهن ٿا.
(12) سيڌر: مٺيءَ ۾ رهن ٿا.
(13) ڪاريٽ: راڻهيار، تعلقي ڇاڇري ۾ رهن ٿا.
(14) بيڏ: ڳوٺ ميهياريءَ ۾ رهن ٿا.
(15) ڪانڙيچا: ننگرپارڪر ۾ رهن ٿا.
(16) ڊونڍا: راڄوڙي ۾ رهن ٿا.
(17) لاتر: ڇاڇري شهر ۾ رهن ٿا.
(18) سورهيا: ننگرپارڪر تعلقي ۾ رهن ٿا.
(19) پڙيا: تعلقي ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ رهن ٿا.
(20) ٻهدر: حيدرآباد ۾ رهن ٿا.
(21) کاڙيرا: پيرون مل، ضلعي سانگهڙ ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو